راڻي ڪرنا

راڻي ڪرنا

راڻي ڪرنا

راڻي ڪرنا: هن عالمي شهرت رکندڙ ڪٿڪ رقاصا ۽ نائڪا جو تعلق هندستان سان آهي. سندس جنم 11 مارچ 1939ع تي ٿيو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد گرئجوئيشن جي ڊگري 1958ع ڌاري، دهلي يونيورسٽيءَ جي نباتات (Botany) شعبي مان حاصل ڪئي. 1959ع ۾ گنڌاروا مها منڊل، پوني مان نرتيه وشراد (رقص) جي تعليم ۽ سکيا ورتائين ۽ ساڳئي سال 1959ع ۾ دهلي يونيورسٽيءَ مان روسي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما جي ڊگري به حاصل ڪيائين. هن ڪٿڪ، اڙيسي ۽ ڀارتيه ناٽيم ۾ تمام گهڻي مهارت حاصل ڪئي. سندس استادن ۾ نرتيه چاريه نارائڻ پرساد، پنڊت سندر پرساد ۽ برجو مهراج شامل آهن. راڻي ڪرنا جو تخليقي طائفي انداز، موسيقيءَ جي ڌُن، رقص ۽ ادب جو حسين امتزاج آهي. هوءَ ويدانتي شاعر سورداس جي ڪلام تي ٻَڌل رقص ’نوراس ملڪه‘ جي حوالي سان هندستان توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي.
راڻي ڪرنا نه صرف ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي، بلڪ ڪٿڪ جي جمالياتي پهلوءَ تي تحقيقي ڪم به ڪيو آهي. کيس 1960ع کان 1964ع تائين ’ثقافت جي عالم‘ جو سرڪاري اعزاز به حاصل آهي. هندستان ۾ کيس ڪٿڪ نائڪا ۽ ڪلاڪار طور وڏي اهميت حاصل آهي.
راڻي ڪرنا هندستان جي قومي ڏِڻن ۽ تهوارن تي عظيم ۽ ناميارن شخصيتن آڏو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. ان کانسواءِ سائنس ڪانگريس دهلي يونيورسٽي، برله اڪيڊمي آف آرٽ ايـنڊ ڪـلچـر، ڀارتيـه وديـاڀـون، هـريـداس سـنگيـت سـميـلـن، ورنـداون، ڪٿڪ مهااُتسو، ٿياگراج فيسٽيول منگلور، سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي، ڪاليداس سماروهه، تانسين سنگيت سماروهه، وسنت اتسو ۽ ٻين اهم ادارن ۾ پنهنجي ڪلا جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. هندستان کان ٻاهر نيپال، برما، لاس، اينجلس (آمريڪا)، هانگ ڪانگ، جپان، پاڪستان، افغانستان، سوويت يونين، بلغيريا، اٽلي، فرانس، بيلجيئم، هالينڊ ۽ سوئيٽزرلينڊ ۾ پنهنجو فن پيش ڪري چڪي آهي.
راڻي ڪرنا دنيا جي مختلف تعليمي ادارن ۽ ڊانس اسڪولن ۾ ليڪچر به ڏيندي رهي آهي. هن وقت تائين پيلس ديس بيوڪس آرٽس برسلز، غينت يونيورسٽي (Ghent University)، انڊو لگزمبرگ سوسائٽي، لگز مبرگ، سائٽ يونيورسٽي، جنيوا، ميسو ڊي ايل، انڊي پئرس (Maiso de L’inde Paris) ۾ ليڪچر ڏئي چڪي آهي. راڻي ڪرنا سمسڪرتي شري ڀاسڪر جي سربراهه ۽ ڀارتيه وديا ڀون جي اعزازي ڪنوينر پڻ آهي ۽ ڪلڪتي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪٿڪ ۽ ٻين ڪلاسيڪي رقصن جي سکيا ۽ تعليم ڏئي رهي آهي.
راڻي ڪرنا کي فني قابليت آڌار مختلف اعزازن ۽ اوارڊن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ صدارتي سونو ٻلو (1955ع)، The Queen of Loas )1964ع)، سنگيت وار يُڌ اوارڊ (1977ع)، وجئه رتنا (1990ع)، ايڇ. آر. ڊي وزارت طرفان سينيئر فيلوشپ جو اعزاز (1996- 1995ع)، سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي اوارڊ (1997ع) ۽ اکل ڀارتيه سنڌي ٻولي۽ ساهت سڀا طرفان اوارڊ (1998ع) شامل آهن.


لفظ راڻي ڪرناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو